ٿڙا صاحب گردوارو ملتان

ٿڙا صاحب گردوارو ملتان

ٿڙا صاحب گردوارو ملتان

ٿڙا صاحب گردوارو ملتان: سکن جو هي مقدس آسٿان، شاهه شمس روڊ ملتان ۾ واقع حضرت شاهه شمس سبز واريءَ جي مزار جي اڱڻ ۾ آهي. هي سادي سودي پڪين سرن ۽ گچ سان ٺهيل عمارت بنا ڪنهن شڪارو (Shikara) جي آهي، جنهن جي ڪنڊن تي ننڍيون گول منارڙيون ڏنل آهن، ٻيڙ ٻني کان مٿي ڪاشيءَ جي نيرين سرن سان ننڍي مني فٽ جي ڀت ڏنل آهي. ٻيڙ ٻني جي هيٺان 4 انچن جي ڪاشيءَ جي نيرين سرن جي پٽي ڏنل آهي. مهاڙيءَ ۾ هڪ ونگن سان لنگهه آهي. لنگهه جي ٻنهي پاسي دريون آهن، جيڪي ٻه ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٺهيل آهن، جن تي گهرو سائو رنگ ٿيل آهي. لنگهه مٿان ڪاشيءَ جو جنسار ٿيل آهي، جڏهن ته درين جي مٿان به ننڍيون ڪاشيءَ جون سرون جڙيل آهن. مهاڙي لنگهه ۽ درين جي مٿان اڌ فوٽ جو نيرين ڪاشيءَ جي سرن جو پٽو ڏنل آهي جيڪو ٻنهي پاسن کان هيٺ تري تائين وڃي ٿو. ڏسڻ ۾ گردوارو ڳاڙهي رنگ جو نظر ايندو آهي. جنهن جو رنگ مرمت وقت تبديل ٿيندو آهي. ملتان شهر ۾ دولت دروازي جو چوڪ پار ڪندي ئي هيءَ عمارت نظر ايندي آهي، جيڪا حضرت شمس سبزواريءَ جي مزار جي اڱڻ ۾ ٺهيل آهي.
چون ٿا ته ان جاءِ تي گرو نانڪ مختلف صوفين، سنتن ۽ بزرگن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سک مت جو پرچار ڪيو. اڄ تائين هن مقام تي گردواري جي ڌار عمارت قائم ٿيل ناهي پر شاهه شمس جي مزار جي اڱڻ جو ڪجهه حصو گردواري لاءِ مخصوص آهي. راجه رنجيت سنگهه جي وقت ۾ ان جاءِ تي سک مت جون مڙئي ڌرمي رسمون (پرڪاش) ادا ڪيون وينديون هيون، پر انگريزن 1850ع ۾ انهن رسمن تي پابندي عائد ڪري ڇڏي. موجوده وقت ۾ هيءُ گرد وارو، گرو نانڪ جي ملتان اچڻ جي ياد ۾ قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو